سونارين/ سونهري ڪوراڙ

سونارين/ سونهري ڪوراڙ

سونارين سونهري ڪوراڙ

سونارين/ سونهري ڪوراڙ Royal Snake /Spalerosophis Arenarius:: هن ڪوراڙ کي راجتينس ۽ شاهي بلا به چوندا آهن. هيءَ بلا لڳ ڀڳ هڪ ميٽر ڊگهي ٿيندي آهي. ان جو پڇ 120 کان 160 ملي ميٽر هوندو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ وڏي کان وڏي ڪوراڙ 2 ميٽر ڊگهي ڏٺي وئي آهي. هن جو جسم هلڪو ڀورو يا ڳاڙهاڻ مائل هوندو آهي، جنهن تي ڳاڙهن يا گهرن ناسي ڀورن رنگن ۾ چٽن جون پنج قطارون هونديون آهن. وچ واري قطار ۾ 50 کان 70 وڏا وڏا چٽ هوندا آهن ۽ ان جو پيٽ چمڪدار ٿيندو آهي. سوناريءَ جي مٿي تي انگريزي اکرن ۾ V ۽W جهڙا هڪ ٻئي پويان ٻه نشان هوندا آهن. اکين کان آرپار ناسن کان ڄاڙيءَ تائين پڻ هڪ ليڪ ٻنهي پاسي هوندي آهي. هيءُ بلا ريتيلي پٿريلي ۽ ٻوڙن واري علائقي کي پسند ڪندي آهي. ڪوئا، ڪرڙيون ۽ صحرائي پکي کائيندي آهي. طبيعت ۾ گهڻي ڪاوڙ نه هوندي اٿس. سوناري بلا (مادي) اپريل کان مئي تائين 10 کان 12 آنا ڏيندي آهي. ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري هن بلا جو نسل خطري ۾ آهي. ڪي ماڻهو ان جي سهڻي کل حاصل ڪرڻ لاءِ ان جو شڪار ڪندا آهن. هيءَ بلا راجپوتانا، سنڌ ۽ لسٻيلي ۾ عام ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو